سڀ رنگ

سڀ رنگ

سڀ رنگ

سڀ رنگ

سڀ رنگ

سڀ رنگ (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصنيف آهي، جنهن ۾ هن لوڪ ادب جون مختلف صنفون: مولود، مناجاتون، مداحون، بيت، هنر، سينگار، ڪافيون، ڳيچ، لوڪ گيت ۽ غزل شامل ڪيون آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۽ مقدمي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڄاڻايو آهي ته هن تاليف جو مقصد، سهڻي سنڌي شعر (لوڪ ادب) جي پرک پروڙ آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد، 1968ع ۾ شايع ڪيو هو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي مشتمل هو ۽ ان جي قيمت 5 روپيا هئي. اُن جو ٻيو ڇاپو (ڪتاب ۾ ’ڇاپو پهريون‘ ڄاڻايل) ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، جون 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 223 صفحن ۽ پـڪـي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


لفظ سڀ رنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو